وزيراعظم پاران پنج نقاطي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو اعلان

اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ، ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي سڌارا پيڪيج تحت پنج نقاطي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قومي شناختي ڪارڊ نمبر ئي انڪم ٽيڪس نمبر هوندو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير …

اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ، ٽيڪس چوري روڪڻ ۽ ٽيڪس دائري ڪار کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي سڌارا پيڪيج تحت پنج نقاطي ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قومي شناختي ڪارڊ نمبر ئي انڪم ٽيڪس نمبر هوندو. وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم وقت جي ضرورت آهي ان تي اسان گذريل ڇهه مهينن کان لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو سلسلو جاري رکيو هو.