حڪومت ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي مدو پورو ڪندي: وزيراعظم

سرگوڌا – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي آخري لمحي تائين پنهنجو مدو پورو ڪندي، چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي تڪليف صرف اسان جي مخالفن کي آهي، مون ڪا ذاتي ڳالهه ناهي ڪئي، منهنجو گواهه چيف جسٽس آهي، اسان ملڪ جي ڳالهه ڪئي، ان ملڪ جي بهتري لاءِ فريادي بڻجي …

سرگوڌا – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي آخري لمحي تائين پنهنجو مدو پورو ڪندي، چيف جسٽس آف پاڪستان سان ملاقات جي تڪليف صرف اسان جي مخالفن کي آهي، مون ڪا ذاتي ڳالهه ناهي ڪئي، منهنجو گواهه چيف جسٽس آهي، اسان ملڪ جي ڳالهه ڪئي، ان ملڪ جي بهتري لاءِ فريادي بڻجي ويو هئس. هو سرگوڌا لاءِ سوئي گئس جي فراهمي جي ٻن منصوبن ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ دل جي بيمارين جي مرڪز جي افتتاح کانپوءِ عوامي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو