ڪراچي- 17 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت جي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ کي عوام دوست، متوازن ۽ ترقياتي اوليتن جو آئينو قرار ڏيندي چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هميشه عوامي ڀلائي، روزگار، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي پنھنجي اوليتن ۾ رکيو آھي. ھي بجيٽ سنڌ جي روشن مستقبل، معاشي استحڪام ۽ عوامي خوشحالي …
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران سنڌ حڪومت جي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ کي عوام دوست، متوازن ۽ ترقياتي اوليتن جو آئينو قرار

مزید خبریں
ڪراچي- 17 جون (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ حڪومت جي مالي سال 27-2026ع جي بجيٽ کي عوام دوست، متوازن ۽ ترقياتي اوليتن جو آئينو قرار ڏيندي چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت هميشه عوامي ڀلائي، روزگار، تعليم، صحت، بنيادي ڍانچي ۽ معاشي ترقي کي پنھنجي اوليتن ۾ رکيو آھي. ھي بجيٽ سنڌ جي روشن مستقبل، معاشي استحڪام ۽ عوامي خوشحالي جو مضبوط بنياد ثابت ٿيندي. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ٽيڪس فري بجيٽ سنڌ جي عوام لاءِ رليف، ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام آھي، جڏھن تھ گھٽ کان گھٽ اجرت کي 40 ھزار روپين کان وڌائي 43 ھزار رُپيا مقرر ڪرڻ پورھيت طبقي جي فلاح ۽ بھبود جي لاءِ ھڪ اھم جوڳو قدم آھي. ھن چيو تھ سنڌ حڪومت جو ترقياتي ويزن رڳو اعلانن تائين محدود ناھي، پر عملي قدمن تي بھ ٻڌل آھي، جنھن جو ثبوت گذريل مالي سال دوران 900 ارب رُپين جي وڌيڪ جي رڪارڊ ترقياتي سيڙپڪاري آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ پيپلز ھائوسنگ پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو ھڪ منفرد عوامي فلاحي منصوبو آھي، جنھن ذريعي لکين خاندانن کي پنھنجا گھر ڏنا پيا وڃن. ھن چيو تھ تعليم ۽ صحت سنڌ حڪومت جي اوليتن ۾ شامل آھن ۽ بجيٽ ۾ اُنھن شعبن لاءِ جوڳا فنڊز رکيا ويا آھن، جڏھن تھ اسڪولن جي تعمير، استادن جي ڀرتين، جديد طبي سھولتن جي فراھمي ۽ صحت جي ادارن کي توسيع تي بھ خاص ڌيان ڏنو ويو آھي. هن چيو تھ بينظير ھاري ڪارڊ، زرعي مشينري، زرعي انشورنس ۽ مالي سھولتن جي فراھمي جي ذريعي زرعي شعبي کي مضبوط بڻايو ويندو، ھن چيو تھ ڪراچي سميت سمورن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آھي ۽ ڪراچي جي ميگا پروجيڪٽس جي لاءِ اربين رُپيا رکيا ويا آھن. سندس چوڻ ھو تھ شاھراھھ ڀٽو جھڙا منصوبا شھر جي ٽريفڪ نظام ۽ شھري سهولتن ۾ نمايان بھتري آڻيندا. هن چيو ته ڊجيٽل سنڌ ويزن، گرين ڊيٽا انفرا اسٽرڪچر، اي آءِ اڪانومي ۽ سنڌ انٽرنيشنل فنانشل سينٽر جھڙا منصوبا صوبي ۾ سيڙپڪاري، روزگار ۽ معاشي سرگرمين جا نوان موقعا پيدا ڪندا. ھن چيو تھ ڪيٽي بندر منصوبو سنڌ جي معاشي ترقي جو نئون بابت ثابت ٿيندو، جيڪو پاڪستان کي عالمي واپاري رستن سان وڌيڪ اثرائتي نموني ڳنڍيندو، جڏھن تھ ڌاٻيچي اسپيشل اڪنامڪ زون ۽ ٿر جي وسيلن سان ڳنڍيل ھي منصوبو مستقبل ۾ معاشي سرگرمين جو ھڪ وڏو مرڪز بڻبو. سندس چوڻ ھو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو مقصد عوام جي خدمت، صوبي جي ترقي ۽ نوجوانن جي لاءِ بھتر موقعا پيدا ڪرڻ آھي.










