اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران مخالف ڌر جي الزامن جي سياست تي پنهنجو موقف ڏيندو. هڪ نجي ٽي وي چينل جي پنجين سالگرهه جي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر جون ڪجهه پارٽيون ڪوڙ ذريعي قوم …
وزيراعظم سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف ڏيندو: پرويز رشيد

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران مخالف ڌر جي الزامن جي سياست تي پنهنجو موقف ڏيندو. هڪ نجي ٽي وي چينل جي پنجين سالگرهه جي تقريب ۾ ڪيڪ ڪاٽڻ کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر جون ڪجهه پارٽيون ڪوڙ ذريعي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته سپريم ڪورٽ ٽي او آرز جوڙڻ جي لاءِ رهنمائي ڪئي آهي ۽ وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو موقف ڏيندو.











