اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سنڌ جي اڳوڻي تعليم واري صوبائي وزير ڊاڪٽر حميده کهڙو جي اوچتي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم ميڊيا سيل مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف مرحومه جي پوئينرن سان تعزيت ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس روح کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ گهرڀاتين کي هي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.