اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان پاڪسان جي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ ان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. ان موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته …
پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان پاڪسان جي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ ان جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. ان موقعي تي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام ڏهاڪن کان تڪليفن ۽ مصيبتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن تڪليفن پٺيان اهڙا خاندان آهن جيڪي پنهنجي پيارن جي جدائي جو غم سهي رهيا آهن، اهڙا ٻار به آهن جيڪي خوف جي ماحول ۾ پلجي رهيا آهن. ۽ اهڙا نسل به آهن جيڪي اڄ به انصاف جي منتظر آهن. هن چيو ته ڪشميري عوام جو آواز عالمي سطح تي ٻڌڻ گهرجي. انهن جي بنيادي وقار کان تحفظ ۽ انهنج ي امنگن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ڪشميري عوام جي جذبن ۽ خواهشن کي نظر رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشميري عوام جي جائز خواهشن جي احترام ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ عالمي برادري جو ڌيان ۽ ڪردار اهميت رکي ٿو.










