پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس ۾ هڪ هزار  پوائنٽس جو اضافو

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1006.58 پوائنٽس وڌي 164045.04 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 309 جي قيمتن ۾ اضافو، 145 ۾ گهٽتائي ۽ 115 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. شروعاتي سيشن ۾ مجموعي …

اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1006.58 پوائنٽس وڌي 164045.04 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 309 جي قيمتن ۾ اضافو، 145 ۾ گهٽتائي ۽ 115 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتن استحڪام ۾ رهيون. شروعاتي سيشن ۾ مجموعي طور تي132.10 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 6.83 ارب رپيا رهي، جڏهن ته فيوچر ٽريڊنگ تحت 4.82 ارب رپيا جا سودا طئي ٿيا. ڪاروباري سرگرمين دوران ڪي اليڪٽرڪ جي 17.39 ملين، ورلڊ ڪال ٽلي ڪام جي 8.21 ملين ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 5.53 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. سيڪيورٽيز انويسٽمنٽ بئنڪ لميٽيڊ، يوني ڪيپ مداربه ۽ شهزاد ٽيڪسٽائل ملز ليمٽيڊ شيئرز جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان سرفهرست ڪمپنيون رهيون.

مزید خبریں