لکين ڊالرز جي ماليت جي حساس قومي ڊيٽا هڪ ملازم جي معمولي ڪوتاهي سبب ظاهر ٿي سگهي ٿي: ڊائريڪٽر جنرل پي ٽي اي

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي سائبر ويجيلنس ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد مڪرم خان  خبردار ڪيو آهي ته دشمن جنهن حساس ۽ اهم ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ لکين ڊالرز خرچ ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي، اها اداري جي ڪنهن هڪ ملازم جي معمولي لاپرواهي يا اڻڄاڻائي سبب آساني سان ظاهر ٿي سگهي ٿي. حساس انفراسٽرڪچر جي حفاظت  ۾ انساني عنصر سڀ کان اهم آهي …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي جي سائبر ويجيلنس ڊويزن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد مڪرم خان  خبردار ڪيو آهي ته دشمن جنهن حساس ۽ اهم ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ لکين ڊالرز خرچ ڪرڻ لاءِ تيار رهندو آهي، اها اداري جي ڪنهن هڪ ملازم جي معمولي لاپرواهي يا اڻڄاڻائي سبب آساني سان ظاهر ٿي سگهي ٿي. حساس انفراسٽرڪچر جي حفاظت  ۾ انساني عنصر سڀ کان اهم آهي ۽ ملازمن جي عدم توجهه پوري قومي مواصلاتي نظام جي سيڪيورٽي کي داءَ تي لڳائي سگهي ٿي. اها ڳالهه هن اين ٽي سي جي سائبر سيڪيورٽي آگاهي مهم جي ٽئين هفتي  جي موقعي تي خطاب ڪندي چئي.  جنهن ۾ حساس معلوماتي ڍانچي جي تحفظ  اندروني خطرن ۽ رسائي جي ڪنٽرول تي تفصيلي روشني وڌي وئي. هن چيو ته سيڪيورٽي چين ۾ انسان سڀ کان ڪمزور ڪري ان وقت بڻجي ٿو جڏهن هو مناسب تربيت يافته نه هجي يا پنهنجي ذميوارين جو احساس نه ڪري. هن سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ عملي تي زور ڀريو ته هو سائبر سيڪيورٽي پروٽوڪولز تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين.

مزید خبریں