اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اٽڪل 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪشميري عوام خوداراديت واري حق کان محروم آهي، ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي ضمير ۽ انصاف جي دعوائن تي مسلسل سوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان …
ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي ضمير ۽ انصاف جي دعوائن تي مسلسل سوال آهي: بلاول ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي، ته اٽڪل 8 ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪشميري عوام خوداراديت واري حق کان محروم آهي، ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان محروم رکڻ عالمي ضمير ۽ انصاف جي دعوائن تي مسلسل سوال آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير رڳو هڪ خطو ناهي، پر لکين انسانن جي آزادي ۽ سڃاڻپ جو مسئلو آهي، ڪشميري عوام جي عزت نفس ۽ پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ جو بنيادي حق تسليم ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جو ڪارو ڏهاڙو، ڪشميري عوام جي آزادي ۽ خوداراديت واري حق جي حمايت جي عهد جي تجديد جو ڏينهن آهي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڪشمير مسئلي کي هميشه اجاگر ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو ڪشمير مسئلي کي پاڪستان جي اصولي موقف جي تناظر ۾ اجاگر ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته گڏيل قومون ۽ عالمي برادري ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائيمالين تي بيانن کان اڳيان وڌن ۽ اتي انساني حقن جي تحفظ لاءِ موثر قدم کڻن. هن چيو ته سرينگر ۾ آزادي جو سج ضرور اڀرندو ۽ سرينگر ۾ اڀرندڙ آزادي جو سج خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي اميد بڻجندو.










