اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق منصفاڻي ۽ پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چئي. هن چيو ته ڀارتي فوج 27 …
ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ڪيو وڃي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق منصفاڻي ۽ پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چئي. هن چيو ته ڀارتي فوج 27 آڪٽوبر تي ڄمون ڪشمير ۾ داخل ٿي غيرقانوني قبضي جي شروعات ڪئي. اهو ڏينهن ڪشميري عوام جي بي شمار قربانين، آزادي جي جدوجهد ۽ خوداراديت واري حق جي عزم کي ياد ڏياري ٿو. عالمي برادري، گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪري. عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه وينديون، انهن جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت اسان جو قومي ۽ اخلاقي فريض آهي. هن چيو ته ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ڪيو وڃي.










