ڪوئيٽا -27 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ ۾ جلسن، جلوسن ۽ ريلين ذريعي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. گورنر ان موقعي تي پنهنجي …
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري: بلوچستان جو گورنر
ڪوئيٽا -27 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل چيو آهي، ته 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف آواز بلند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت ڪرڻ آهي. سڄي ملڪ ۾ جلسن، جلوسن ۽ ريلين ذريعي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو. گورنر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي هر اهم فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز م اجاگر ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. عالمي برادري جي ذميواري اهي ته هو ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميري عوام کي سندن بنيادي خوداراديت وارو حق ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي.











