ڪشميري عورتن، ٻارن ۽ خاندانن جون تڪليفون عالمي برادري جون فوري ڌيان طلب آهن: شرميلا فاروقي

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري شرميلا فاروقي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪشميري عورتن، ٻارن ۽ خاندانن جون تڪليفون عالمي برادري جون فوري ڌيان طلب آهن.  پيپلز پارٽي ميڊيا سيل پاران جاري بيان ۾ شرميلا فاروقي چيو ته ڪشميري عورتن تڪليفن ۽ …

اسلام آباد -27 آڪٽوبر (اي پي پي) ايم اين اي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي انفارميشن سيڪريٽري شرميلا فاروقي ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميري عوام جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته ڪشميري عورتن، ٻارن ۽ خاندانن جون تڪليفون عالمي برادري جون فوري ڌيان طلب آهن.  پيپلز پارٽي ميڊيا سيل پاران جاري بيان ۾ شرميلا فاروقي چيو ته ڪشميري عورتن تڪليفن ۽ انساني حقن جي مسئلن باوجود پنهنجي عوام جي خوداراديت واري حق جي جدوجهد ۾ اهم ڪردر ادا ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي سياسي ميراث اسان جي مظلوم عوام، عورتن ۽ محروم طبقن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو درس ڏئي ٿي. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. شرميلا فاروقي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي تي عالمي برادري ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڪشميري عوام جي تڪليفن  جو نوٽيس وٺن ۽ مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪشميري عوام کي انهن جي بنيادي حقن، سياسي آزادين ۽ پنهنجي مستقبل جي فيصلي ڪرڻ واري حق کان هاڻي محروم نٿو رکي سگهجي.

مزید خبریں