حيدرآباد - 27 آڪٽوبر (اي پي پي)ڊي سي حيدر آباد جي اڳواڻي ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز، مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن، ٽائون چيئرمينن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، معذور ماڻهن جي تنظيمن ۽ اسڪولن جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صبح …
ڪشمير جي ڪاري ڏينهن تي حيدرآباد ۾ يڪجهتي ريلي، ڪشميري عوام سان ڀرپور ساٿ جو اظهار

مزید خبریں
حيدرآباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي)ڊي سي حيدر آباد جي اڳواڻي ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي حيدرآباد ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ڪئي. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مهوش اعجاز، مختلف سرڪاري کاتن جي عملدارن، ٽائون چيئرمينن، سماجي تنظيمن جي نمائندن، معذور ماڻهن جي تنظيمن ۽ اسڪولن جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. صبح جو 10 وڳي شرڪت ڪندڙن ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي. شرڪت ڪندڙن ڪشمير جي حق ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ”ڪشمير بڻجندو پاڪستان“ جا نعرا پڻ هنيا. ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع ڪشميري عوام جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن هو، جڏهن ڀارتي فوجون ڄمون ۽ ڪشمير ۾ داخل ٿيون ۽ قبضي جي شروعات ڪئي. هن چيو ته ڪشميري عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر آزادي ۽ حق خوداراديت لاءِ سندن عزم اڄ به مضبوط آهي.هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڀريو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سنجيدگيءَ سان نوٽيس وٺن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام کي حق خوداراديت ڏيارڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. ڊي سي وڌيڪ چيو ته ڪشمير تڪرار جو پرامن ۽ منصفاڻو حل خطي ۾ پائيدار امن لاءِ انتهائي ضروري آهي.










