ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هر پاڪستانيءَ جي ذميواري آهي: صوبائي وزير سعيد غني ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ

ڪراچي- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي ۽ افرادي سگهه واري وزير سعيد غني ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هر پاڪستانيءَ جي ذميواري آهي، اسان 78 سالن کان ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهيون ۽ آزادي ملڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. عالمي برادريءَ جي ضمير کي جنجهوڙينداسين ۽ انشاءَالله ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين. …

ڪراچي- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي پورهئي ۽ افرادي سگهه واري وزير سعيد غني ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو آهي ته ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هر پاڪستانيءَ جي ذميواري آهي، اسان 78 سالن کان ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ آواز اٿاري رهيا آهيون ۽ آزادي ملڻ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين. عالمي برادريءَ جي ضمير کي جنجهوڙينداسين ۽ انشاءَالله ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهنداسين. هنن چيو ته تازي پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ اميد پيدا ٿي آهي ته ڪشمير جو مسئلو جلد حل ٿيندو. پاڪ فوج ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هر فورم تي والاريل ڪشمير جو ڪيس وڙهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ ڪمشنر ڪراچيءَ پاران ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ڪڍيل ريليءَ جي پڄاڻيءَ تي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب کي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جي صلاحڪار سيد نجمي عالم، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ محمد شفيع ڊار، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ ريلي پيپلز چورنگيءَ کان شروع ٿي، جيڪا مزارِ قائد تي پڄاڻيءَ تي پهتي. ريليءَ جي شروعات تي ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريليءَ جي اڳواڻي گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ، سنڌ جي محنت واري وزير سعيد غني، سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه، حريت ڪانفرنس جي نمائندي محمد شفيع ڊار، وڏي وزير جي صلاحڪار سيد نجمي عالم ۽ ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ڪئي. ريليءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن، سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن جي سيڪريٽرين، سمورن ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن، ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات محمد يوسف ڪابورو، اسڪولن جي شاگردن، استادن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. امجد حسين ايڊووڪيٽ خطاب ڪندي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع اهو ڪارو ڏينهن آهي، جڏهن ڀارت پنهنجي فوج ڪشمير جي سرزمين تي لاٿي هئي. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن تي ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي، جيڪو اڃا تائين ختم نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي وجود جو اهم حصو آهي ۽ ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي. ڪشمير تي ڀارت جو قبضو ناجائز آهي ۽ ان کي آزاد ڪرائڻ ڪشميري عوام جي جدوجهد سان گڏ پاڪستانين جي به ذميواري آهي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير چيو ته اسان گذريل 78 سالن کان ڪشمير جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون ۽ اڳتي به اها جدوجهد جاري رکنداسين. آزاديءَ جي تحريڪ کي نه روڪي سگهجي ٿو، نه دٻائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي ان لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري سگهجي ٿو. آزاديءَ جو جذبو طاقت جي زور تي ختم نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اها اهڙي سوچ آهي، جيڪا پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ کانسواءِ ماٺ نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام احتجاج ڪري يومِ سياهه ملهائيندو آهي. پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ احتجاج ۽ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن سرگرمين جو مقصد عالمي برادريءَ ۽ عالمي ادارن جي ذميوارن جي ضمير کي جنجهوڙڻ آهي، جيئن هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. امجد حسين ايڊووڪيٽ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ڪشميرين کان سندن باقي بچيل حق به کسي ورتا. ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي واعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، پر عالمي برادريءَ طرفان گهربل اثرائتا قدم نه کنيا ويا. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ نسلن کي به اهو شعور ڏيڻ ضروري آهي ته والاريل ڪشمير تي ڀارت جو قبضو ناجائز آهي. ڪشميرين جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکڻ سان گڏ عالمي برادريءَ کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻو پوندو، جيئن ڪشميري عوام کي سندن حقِ خوداراديت ملي سگهي. سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري وزير سعيد غني خطاب ڪندي چيو ته مظلوم ڪشميري عوام ڀارتي فوج جي سامهون ثابت قدميءَ سان بيٺل آهي ۽ پاڪستاني قوم هميشه ڪشميرين سان پنهنجو ساٿ نڀايو آهي. هن چيو ته تازي پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ اميد پيدا ٿي آهي ته ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪ فوج تازي جنگ ۾ ڀارت کي شڪست ڏني آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته والاريل ڪشمير جو مسئلو به جلد حل ٿيندو. سعيد غني چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي وڌندڙ حيثيت کي نظر ۾ رکندي اميد آهي ته انشاءَالله والاريل ڪشمير جي مسئلي جي حل ڏانهن به اڳڀرائي ٿيندي. پاڪستاني قوم ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ سندن حمايت جاري رکندي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي نمائندي محمد شفيع ڊار چيو ته مظلوم ۽ بي پهچ ڪشميري عوام 27 آڪٽوبر کي يومِ سياهه طور ملهائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي فوج داخل ڪئي هئي. هن چيو ته ڪشمير جو مسئلو ڀارت پاڻ گڏيل قومن ۾ کڻي ويو هو، پر ڀارتي حڪومت جي بدنيتيءَ سبب اڄ تائين ان جو حل نه نڪري سگهيو آهي. هن والاريل ڪشمير کي دنيا جي انهن علائقن مان هڪ قرار ڏنو، جتي وڏي پيماني تي فوجي نگراني ڪئي وڃي ٿي. محمد شفيع ڊار الزام هنيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ اسرائيلي طرز تي آبادڪاريءَ جو عمل جاري رکيو آهي، جڏهن ته ڪيترائي سياسي ڪارڪن ڏهاڪن کان جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن ۾ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب فيصلي جو واعدو ڪيو هو، پر اڄ به والاريل ڪشمير ۾ وڏي تعداد ۾ ڀارتي فوج موجود آهي ۽ عالمي ادارا ڪشميرين جي آواز کي گهربل اهميت نٿا ڏين. سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاهه چيو ته اڄ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ يومِ سياهه ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ اڄ به ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. هن دعويٰ ڪئي ته والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ به مودي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هر فورم تي والاريل ڪشمير جو ڪيس ڀرپور نموني اٿاريو آهي ۽ ڪشميري عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي مقررن ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستاني قوم ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت جاري رکندي ۽ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ عالمي برادريءَ تي زور ڀريندي رهندي.

مزید خبریں