پاڪستان زرعي پيداوار  ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وسيع صلاحيت رکي ٿو، ان جي افرادي سگهه قطر جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: ڄام ڪمال خان

دوحه - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت قطر جي معاشي ترقي  ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان زرعي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي  جي شعبن ۾ وسيع صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن قطر جي گادي واري هنڌ دوحه  ۾ عالمي سيڙپڪاري فورم 2026ع کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان …

دوحه – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت قطر جي معاشي ترقي  ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان زرعي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي  جي شعبن ۾ وسيع صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن قطر جي گادي واري هنڌ دوحه  ۾ عالمي سيڙپڪاري فورم 2026ع کي خطاب دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت قطر جي  معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان زرعي  پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي  جي شعبن ۾ وسيع صلاحيت رکي ٿو. هن قطر بزنس مين ايسوسيئيشن جي چيئرمين شيخ فيصل بن  قاسم الثاني سان به ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪ قطر واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌرين طرفان  آءِ ٽي، لاجسٽڪس، زراعت ۽ غذائي تحفظ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. واپار واري وزير قطر جي سيڙپڪارن کي پاڪستان  ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڌرين  ڪاروباري برادرين وچ ۾ سڌي ريت رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو. ڄام ڪمال خان حساد فوڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو علي هلال الڪواري سان به ملاقات ڪئي جنهن دوران زراعت، غذائي تحفظ ۽ زرعي واپار ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون جڏهن ته زرعي سپلاءِ چين ۽ ڊگهي مدي واري واپاري ڀائيواري تي به غور ڪيو ويو.  واپار واري وزير  چيو ته پاڪستان قطر کي معياري زرعي مصنوعات فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن حساس فوڊ کي ڪراچي ۾ فوڊ ايگ 2026ع ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. وفاقي وزير ترڪيه جي واپار واري نائب وزير مصطفيٰ توز جو سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ ترڪيه ٻه طرفه واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. بنهي اڳواڻن زراعت، غذائي تحفظ، توانائي،  معدنيات ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ صنعت ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ تعاون تي به ڳالهيون ڪيون. ڄام ڪمال خان جو چوڻ هو ته پاڪستان عالمي اقتصادي ڀائيواري ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. واضح رهي ته 3 ڏينهن وارو دوحه عالمي سيڙپڪاري فورم 25  کان 27  آڪٽوبر تائين جاري رهندو. ان ۾ مختلف  ملڪن جا وزير، سيڙپڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون به شريڪ آهن. فورم ۾ مصنوعي ذهانت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ پائيدار سيڙپڪاري تي ڌيان ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستان پاران مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں