سرينگر- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڱارو 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا ته جيئن عالمي برادري کي ياد ڏياريو وڃي ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي مرضي ۽ امنگن خلاف سندن سرزمين تي فوجي قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ (اڄ) مڪمل هڙتال ڪئي ويندي ۽ احتجاجي مظاهرا …
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشمير 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا

مزید خبریں
سرينگر- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڱارو 27 آڪٽوبر تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا ته جيئن عالمي برادري کي ياد ڏياريو وڃي ته ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي مرضي ۽ امنگن خلاف سندن سرزمين تي فوجي قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ (اڄ) مڪمل هڙتال ڪئي ويندي ۽ احتجاجي مظاهرا به ڪيا ويندا. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي منصوبي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي ڄمون ڪشمير تي ڪاهه ڪئي. هن رياست جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي ابتڙ ان تي غيرقانوني قبضو ڪيو هو. اهو ڏينهن ملهائڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينارز منعقد ڪيا ويندا آهن. اهو ڪارو ڏينهن ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ۽ ٻين آزادي پسند تنظيمن پاران اپيل تي ملهايو ويندو آهي. حريت اڳواڻن عالمي برادري تي زرو ڀريو آهي ته هو ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.











