اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي آفيس …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بحرين جي ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ گهڻ رخي فورمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي پوسٽ موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل ترجيحن جي فروغ جي لاءِ باقاعده مشاورت ۽ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏنو.











