اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڊيره اسماعيل خان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اسماعيل خان آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ غلام مرتضيٰ ۽ سپاهي تاثير احمد کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي …
پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڊيره اسماعيل خان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ ڊيره اسماعيل خان ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اسماعيل خان آپريشن ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ غلام مرتضيٰ ۽ سپاهي تاثير احمد کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ۽ انهن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ پيشيواراڻيون صلاحيتون واکاڻ جوڳيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قلعه سيف الله ۾ دهشتگرد ڪمانڊر جو مارجي وڃڻ سيڪيورٽي فورسز جي موثر ڪارروائين جو ثبوت آهي. هن جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ قومي عزم پختو آهي.











