اسلام آباد - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سندس لاڏاڻي جي خبر ملڪ ۽ قوم لاءِ افسوسناڪ خبر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي قومي خدمتن ۽ ملڪي دفاع لاءِ سندس …
سينيٽ چيئرمين پاران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سندس لاڏاڻي جي خبر ملڪ ۽ قوم لاءِ افسوسناڪ خبر آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته جنرل (ر) عبدالوحيد ڪاڪڙ جي قومي خدمتن ۽ ملڪي دفاع لاءِ سندس خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. سيد يوسف رضا گيلاني مرحوم جي سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جوار رحمت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر عطا فرمائي.











