ڪراچي - 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ مخدوم سيد اڪبر محمود جي پٽ ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر جي پوٽي جي نڪاح واري تقريب م شرڪت ڪئي ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار کي نئين زندگي جي شروعات تي مبارڪون ڏنيون. سينيٽ سيڪريٽريت پاران جاري بيان مطابق تقريب ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخودم احمد محمود، سيد مرتضيٰ محمود، اڳوڻي ايم اين …
سينيٽ چيئرمين پاران مخدوم سيد اڪبر محمود جي پٽ جي نڪاح واري تقريب ۾ شرڪت

مزید خبریں
ڪراچي – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي ۾ مخدوم سيد اڪبر محمود جي پٽ ۽ ليفٽيننٽ جنرل (ر) معين الدين حيدر جي پوٽي جي نڪاح واري تقريب م شرڪت ڪئي ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار کي نئين زندگي جي شروعات تي مبارڪون ڏنيون. سينيٽ سيڪريٽريت پاران جاري بيان مطابق تقريب ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخودم احمد محمود، سيد مرتضيٰ محمود، اڳوڻي ايم اين اي جهانگير ترين، ايم اين اي سيد عبدلاقادر گيلاني، سيد افتخار الحسن گيلاني سميت ملڪ جي اهم شخصيتن ۽ پارليامينٽيرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن رشتي کي محبت، خوشين، گڏيل احترام ۽ ڪاميابين سان ڀرپور بڻائي. هن دعا ڪئي ته سندن اهو نئون سفر ٻنهي لاءِ خوشحالي ۽ اطمينان جو سبب بڻجي ۽ ٻنهي خاندانن لاءِ خوشين، رحمتن ۽ برڪتن جو پيغام کڻي اچي.











