ترقي هڪ گڏيل ذميواري آهي ۽ ان جي مقصد کي سمجهڻ ۽ ان جي اڳڀرائي ۾ حصو وٺڻ هر ماڻهو ۽ طبقي لاءِ اهم آهي: وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال

اسلام آباد _ 26 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت سرڪاري سيڙپڪاري ۽ قومي ترجيحات بابت شفاف معلومات جي فراهمي عوامي آگاهي ۽ موثر شرڪت لاءِ اهم آهي. ترقي بابت عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزارت طرفان جاري ڪيل معلومات ذريعي عوام کي …

اسلام آباد _ 26 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت سرڪاري سيڙپڪاري ۽ قومي ترجيحات بابت شفاف معلومات جي فراهمي عوامي آگاهي ۽ موثر شرڪت لاءِ اهم آهي. ترقي بابت عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزارت طرفان جاري ڪيل معلومات ذريعي عوام کي سرڪاري سيڙپڪاري ، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ترقياتي ترجيحات کان آگاهه ڪيو پيو وڃي . هن چيو ته حڪومتي قدم ۽ عوامي آگاهي وچ ۾ مضبوط رابطو ترقي جي عمل کي موثر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. واضع رهي ته  شفاف معلومات نوجوانن کي پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ ،مقامي آبادين کي دستياب موقعا سمجهڻ ۽ شراڪتدارن کي ترقياتي عمل ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ترقي هڪ گڏيل ذميواري آهي ۽ ان جي مقصد کي سمجهڻ ۽ ان جي اڳڀرائي ۾ حصو وٺڻ هر ماڻهو ۽ طبقي لاءِ اهم آهي . هن ان عزم جو ورجاءِ ڪيو ته ترقي جي عمل کي قابل اعتماد بڻائڻ، عوامي شرڪت کي بامعنيٰ وارو بڻائڻ ۽ ترقي جي ثمر کي معاشري جي سمورن طبقن تائين پهچائڻ گڏيل قومي ذميواري آهي.

مزید خبریں