سپريم ڪورٽ ۾ 29 سالن تائين خدمت انجام ڏيندڙ پوليس ڪانسٽيبل جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب منعقد

اسلام آباد _26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين فرض انجام ڏيندڙ پوليس ڪانسٽيبل ٽڪا خان رٽائرڊ ٿي ويو، سندس ريٽائرمينٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ الوداعي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کيس يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ڪانسٽيبل ٽڪا خان 1997ع کان سپريم ڪورٽ ۾ مقرر هو ۽ هن پنهنجي ڪيريئر دوران اٽڪل 30 سال پوليس ڊيوٽي انجام ڏني. ان عرصي ۾ هن …

اسلام آباد _26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ۾ ڊگهي عرصي تائين فرض انجام ڏيندڙ پوليس ڪانسٽيبل ٽڪا خان رٽائرڊ ٿي ويو، سندس ريٽائرمينٽ تي سپريم ڪورٽ ۾ الوداعي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کيس يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ڪانسٽيبل ٽڪا خان 1997ع کان سپريم ڪورٽ ۾ مقرر هو ۽ هن پنهنجي ڪيريئر دوران اٽڪل 30 سال پوليس ڊيوٽي انجام ڏني. ان عرصي ۾ هن اڳوڻي صدر جنرل (ر ) پرويز مشرف جي دور ۾ مارشل لا، نومبر 2007ع جي ايمرجنسي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي دور سميت عدالت جي تاريخ جا ڪيترائي اهم واقعا ڏٺ. ٽڪا  خان  جي ريٽائرمينٽ جي موقعي تي سپريم ڪورٽ جي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن سندس ڊگهي  خدمت تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ کيس يادگاري شيلڊ ڏئي روانو ڪيو.

مزید خبریں