اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۾ ترقي ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافي جو رجحان جاري آهي، سيپٽمبر 2026ع ۾ پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 435 ملين ڊالر تائين پهچي ويو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران آءِ ٽي جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 1.25 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو …
ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۾ ترقي ٿي، آءِ ٽي جو روانگي واپار 1.25 ارب ڊالر تائين پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت ۾ ترقي ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ اضافي جو رجحان جاري آهي، سيپٽمبر 2026ع ۾ پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار 435 ملين ڊالر تائين پهچي ويو جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران آءِ ٽي جي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 1.25 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. ايس آءِ ايف سي مطابق سيپٽمبر 2026ع ۾ پاڪستاني فري لانسرز به 197 ملين ڊالر جي رڪارڊ آمدني حاصل ڪئي، جيڪا ڊجيٽل شعبي ۾ پاڪستاني نوجوانن جي وڌندڙ صلاحيتن ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ انهن جي خدمتن جي طلب جي عڪاسي ڪري ٿي. ڊجيٽل معيشت جي ترقي پاڪستان لاءِ مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ پنهنجي موجودگي وڌائڻ جي حوالي سان اهميت رکي ٿي. آءِ ٽي روانگي واپار ۽ فري لانسنگ آمدني ۾ اضافو نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان امڪان پيدا ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. ايس آءِ ايف سي جي سهڪار سان ڊجيٽل شعبي جي ترقي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ فري لانسرز لاءِ موقعن جي توسيع کي پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ڊجيٽل تبديلي جي وسيع تر هدفن سان ڳنڍيو پيو وڃي.











