وزيراعظم جي ساهيوال آمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مرحوم چوڌري محمد اشرف ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ صوبائي وزير ملڪ نديم ڪامران جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار

ساهيوال- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مرحوم چوڌري محمد اشرف ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ صوبائي وزير ملڪ نديم ڪامران جي رهائشگاهه پهچي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چوڌري محمد اشرف جي لاڏاڻي تي سندس پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز …

ساهيوال- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مرحوم چوڌري محمد اشرف ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ۽ صوبائي وزير ملڪ نديم ڪامران جي رهائشگاهه پهچي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چوڌري محمد اشرف جي لاڏاڻي تي سندس پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ساهيوال ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير مرحوم ملڪ نديم ڪامران جي گهر پهچي سندس پٽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ملڪ قاسم نديم ۽ گرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم مرحومن جي بلند درجن ۽ پونئرن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته چوڌري محمد اشرف ۽ ملڪ نديم ڪامران سدائين تڪ جي عوام ۽ جمهوريت جي خدمت ڪئي، مرحومن جي پارٽي ۽ ساهيوال جي عوام لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.

مزید خبریں