وزيراعظم پاران اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (ريٽائرڊ) جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (ريٽائرڊ) جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (ريٽائرڊ) جي پاڪ فوج لاءِ وڏين خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (ريٽائرڊ) جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ (ريٽائرڊ) جي پاڪ فوج لاءِ وڏين خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف مرحوم جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.

مزید خبریں