اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد، هلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي فرزند نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي بي مثال قرباني ۽ تاريخي شجاعت پوري قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشل راهه رهندي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …
صدر آصف علي زرداري پاران نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي 78هين ورسي تي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد، هلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي فرزند نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي بي مثال قرباني ۽ تاريخي شجاعت پوري قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشل راهه رهندي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق صدر چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد، (هلال ڪشمير) جي 78هين ورسي جي موقعي تي پوري قوم پاران ۽ پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ پاڪ ڌرتي جي ان بهادر سپوت کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد ڪشمير جي آزادي واري جنگ دوران پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ اضافي وسيلا رکندڙ دشمن جي شديد حملن کي دليري سان ناڪام بڻايو. صدر چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد شديد زخمي ٿيڻ باوجود پنهنجي فوجي جٿي جي ڪمان ڪندي دشمن کي عبرتناڪ ڌَڪ رسايا جيڪي قومي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيا ويندا. صدر آصف علي زرداري چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد مادر وطن جي حرمت خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندي شجاعت ۽ بهادري جي عظيم داستان رقم ڪيو. صدر چيو ته ڪشمير جي فرزند نائيڪ سيف علي جنجوعه شهيد جي بي مثال قرباني ۽ تاريخي شجاعت پوري قوم لاءِ فخر جو سبب ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي. صدر چيو ته پاڪستان پنهنجي شهيدن جو هميشه قرضدار رهندو، قوم جا اهي عظيم سپوت اسان جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي سلامتي جو مضبوط بنياد آهن.











