وزيراعظم پاران شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه هلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه هلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي تي پوري قوم سندس مثالي بهادري ۽ شهادت جي دليراڻي انداز تي کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. شهيدن جو خُون، بهادر جوانن جو پختو عزم ۽ پوري قوم جو ڌرتي سان پيار بنا ڪنهن شڪ جي مُلڪ جي دفاع، آزادي ۽ سلامتي …

اسلام آباد- 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه هلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي تي پوري قوم سندس مثالي بهادري ۽ شهادت جي دليراڻي انداز تي کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. شهيدن جو خُون، بهادر جوانن جو پختو عزم ۽ پوري قوم جو ڌرتي سان پيار بنا ڪنهن شڪ جي مُلڪ جي دفاع، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ خودمختياري جي ضمانت آهي. سُومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه جي هِلال ڪشمير (نشان حيدر) جي 78هين ورسي (26 آڪٽوبر 2026ع) تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته نائيڪ سيف علي جنجوعه 1948ع جي جنگ دوران بزدل دشمن جي سخت حملن جو وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ آزادي جي جنگ دوران تعداد ۽ وسيلن جي مغرور ۾ ٻُڏل دُشمن جي حملن مثالي جرئت سان ناڪام بڻايو. جنگ جي دوران زخمي ٿيڻ جي باوجود شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه پنهنجي فوج جٿي جي وڏي بهادري سان ڪمان ڪئي ۽ دُشمن خلاف آخري ساهه تائين مهاڏو اٽڪايو ۽ آخرڪار شهادت ماڻي. هن چيو ته ملڪ لاءِ سيف علي جنجوعه جي لازوال قرباني پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته شهيد نائيڪ سيف علي جنجوعه ڪشمير وادي جو سپوت هجڻ جو حق پورو ڪيو، سندس تاريخي قرباني سندس وطن سان لازوال محبت جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته شهيدن جو خُون، بهادر فوج جي جوانن جو پختو عزم ۽ پوري قوم جي ڌرتي سان محبت بنا ڪنهن شڪ جي مُلڪ جي دفاع، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ خودمختياري جي ضمانت آهي. هن جو چوڻ هو ته پوري قوم سڀني شهيدن جي حب الوطني جي جذبي ۽ قرباني کي سلام پيش ڪري ٿي. الله تعاليٰ مُلڪ جي سڀني شهيدن جا درجا بلند ڪري.

مزید خبریں