اسلام آباد - 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ۽ آئيني معاملن جي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر دلاور حسين جي سينيٽ آف پاڪستان جي باري ۾ ڪتاب کي سياسي، علمي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي رهي آهي، جن ان کي پارلياماني نظام ۾ سينيٽ جي اهميت، ان جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي جائزي تي ٻڌل پنهنجي نوعيت جو پهريو جامع تحقيقي ڪتاب قرار ڏنو آهي. ”سينيٽ آف پاڪستان …
پارلياماني معاملن جي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر دلاور حسين جي سينيٽ بابت تازي لکڻي جي سياسي ۽ علمي حلقن ۾ ڀرپور پذيرائي، پارلياماني تاريخ، جمهوري ادارن جي ارتقا ۽ وفاقي ڍانچي جي بهتر ادراڪ لاءِ اهم علمي ڪاوش

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ۽ آئيني معاملن جي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر دلاور حسين جي سينيٽ آف پاڪستان جي باري ۾ ڪتاب کي سياسي، علمي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڀرپور پذيرائي حاصل ٿي رهي آهي، جن ان کي پارلياماني نظام ۾ سينيٽ جي اهميت، ان جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي جائزي تي ٻڌل پنهنجي نوعيت جو پهريو جامع تحقيقي ڪتاب قرار ڏنو آهي. ”سينيٽ آف پاڪستان ۽ علائقائي نمائندگي- تاريخ، ڪردار ۽ پارلياماني ڪارڪردگي“، جي عنوان سان اهو ڪتاب پاڪستان جي پارلياماني سياست، آئيني تري جي مرحلن، وفاقي ڍانچي ۽ جمهوري ادارن جي ارتقا جي بهتر ادراڪ لاءِ اهم علمي ڪاوش آهي، ان کي مشهور آمريڪي اشاعتي اداري ”بلومزبري اڪيڊمڪ“ شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ 1973ع ۾ سينيٽ جي قيام کان وٺي ان جي اداره جاتي ارتقا، آئيني اختيارن، قانون سازي، صوبائي نمائندگي ۽ پارلياماني ڪارڪردگي جو تفصيلي احاطو ڪيو ويو، خاص ڪري ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ سينيٽ جي ڪردار ۾ ظاهر ٿيندڙ تبديلين جو جامعز تجزيو به پيش ڪيو ويو آهي.

يونيورسٽي آف ايڊنبرا م ڏکڻ ايشيائي ۽ تقابلي سياست جي پروفيسر ولفريڊ سوينڊن ڪتاب جو ديباچو لکيو جنهن ۾ چيو اهي ته ”جيڪڏهن ٻه ايواني پارلياماني نظام جو مطالعو عالمي اترئين ملڪن ۾ وسيع پيماني تي ڪيو ويو آهي جڏهن ته عالمي ڏاکڻين ملڪن ۾ ان موضوع تي تحقيق نسبتا گهٽ ٿي آهي. دلاور حسين علائقائي نمائندگي تي خاص ڌيان ڏيندي سينيٽ آف پاسڪتان تي پهريون ڀيرو هڪ جامع ۽ تفصلي مطالعو پيش ڪري ان علمي خال کي ڀرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ڪتاب 2012ع کان 2018ع دوران تاريخي شاهدين ۽ سينيٽ جي سرگرمين جي بنياد تي پاڪستان جي سينيٽ جو تفصيلي ۽ باريڪ بيني سان تجزيو پيش ڪري ٿو. ڪتاب جو ليکڪ/ مصنف ۽ پاڪستان جي آئيني، پارلياماني ۽ سياسي تاريخ بابت مضمونن ۾ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد سميت مختلف يونيورسٽين ۾ تدريسي شعبي سان سلهاڙيل ڊاڪٽر دلاور حسين آچر تي هتي قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ۾ پنهنجي تازي لکت / تصنيف تي روشني وجهندي چيو آهي، ته ان ۾ بنيادي طور تي سينيٽ جي تاريخ، آئيني ڪردار ۽ ان جي پارلياماني ڪارڪردگي جو احاطو ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو هڪ منفرد پاسو اهو آهي ته ان ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ جو ٻين اهم ملڪن جي پارليامينٽ سان تقابلي جائزو به پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ان ۾ مشهور شخصيتن جا انٽرويوز، بحثن جي حوالن سان گڏوگڏ تاريخي دستاويزن، لاڳاپيل رڪارڊ ۽ تحقيقي مواد جي مدد سان رڳو سينيٽ ئي نه پر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي لاڳاپن، پارليامينٽ ۽ انتظاميه جي لاڳاپن، 18هين ترميم، اختيارن جي بنيادي سطح تي منتقلي، صوبن ۽ وفاق جي لاڳاپن، قانون سازي جي عمل، پارلياماني ڪميٽين جي حيثيت ۽ ڪارڪردگي جو به گهرو کان جائزو ورتو ويو. سينيٽ جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار بابت تحقيق جو حوالو ڏيندي ڊاڪٽر دلاور حسين چيو آهي ته تاريخي تناظر م ڏٺو وڃي ته سينيٽ جي ڪارڪردگي تمام سٺي رهي، ان ۾ گهرو ۽ پرڏيهي پاليسي، دهشتگردي جي روڪٿام سميت اهم عوامي ۽ قومي مسئلن تي نتيجا ڏيندڙ بحث ۽ اهم قانون سازي ٿي ۽ عوام جو آواز ايوان تائين پهچي جنهن سان اثرائتين پاليسين جي جوڙجڪ ۽ قانون سازي ۾ مدد ملي. هن چيو ته 18هين ترميم ۾ به سينيٽ جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي، جيئن ته سينيٽر ميان رضا رباني آئيني سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو سربراهه هو.ڊاڪٽر دلاور حسين جنهن ”ليجسليٽو اسٽڊيز“ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، ڪتاب جي ڇاپي ۽ ان جي پس منظر تي روشني وجهندي چيو ته مان بنيادي طور تي تاريخ جو شاگرد آهيان، جڏهن پارلياماني تاريخ تي تحقيق ڪري رهيو هئس ته مان مشاهدو ڪيو ته مجموعي طور تي پارليامينٽ ۾ ڪو به خاص تحقيقي ڪم ناهي ٿيو، قومي اسيمبلي تي ته وري به ڪجهه نه ڪجهه ڪم ٿيو آهي پر مون کي سينيٽ ۾ ڪو به خاص اڪيڊمڪ ڪم نظر نه آيو البته مان ان تي ڌيان ڏنو ۽ ان باري ۾ ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو. هن ٻڌايو ته ان ڪتاب کي انٽرنيشنل پبلشر ”بلومزبري اڪيڊمڪ“ آمريڪا هڪ ئي وقت نيويارڪ، لنڊن، آڪسفورڊ، نئين دهلي ۽ سڊني مان شايع ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي علمي، صحافتي، سياسي ۽ پارلياماني حلقن ۾ ڪتاب جي تمام وڏي پذيرائي ٿي رهي آهي جڏهن ته پرڏيهه مان به تمام سٺو فيڊ بيڪ مليو آهي. هن ٻڌايو ته عالمي طور تي اها حوصلو ڏيندڙ ڳالهه آهي ته اتان جي ٿنڪ ٽينڪ، تعليمي ماهرن ان جي تعريف ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ويبينارز ۽ ايونٽس جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها بنيادي طور تي هڪ علمي ڪاوش آهي، ان ڪتاب م موجوده ۽ اڳوڻين گهڻي ڀاڱي 40 سينيٽرز کان علاوه سينئر صحافين، برطانيه جي هائوس آف لارڊز جي ميمبرن، سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اعليٰ عهديدارن جا انٽرويوز به تحقيق طور شامل آهن جن ۾ اڳوڻا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ راجه پرويز اشرف، اڳوڻا سيينيٽ چيئرمين مريان رضا رباني ۽ نيئر حسين بخاري، اڳوڻا سينيٽر فرحت الله بابر، سينيٽر مصدق ملڪ، اڳوڻو وفاقي وزير مشاهد حسين سيد، اڳوڻو قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سيد فخر امام، سينيٽر سعديه عباسي ۽ ٻيا شامل آهن.ڪتاب جي افاديت بيان ڪندي ڊاڪٽر دلاور حسين چيو ته پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۽ ادرا جاتي سڌارن کي سمجهڻ لاءِ سياست، تاريخ، گورننس ۽ پاليسي سازي، قانون جي شاگردن، تعليمي ماهرن، تحقيق ڪندڙن، پاليسي سازن، پارليامينٽ ميمبرن لاءِ هي ڪتاب تمام مددگار هوندو، ان ڪتاب سان پارليامينٽ جي فريم ورڪ کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته توهان سياست ڪيو يا نه ڪيو پر اها حقيقت اهي ته سياست ۽ سياسي ادارا عوام جي زندگي تي اثر انداز ٿيندا آهن البته سياست، سياسي ادارن ۽ پارلياماني تاريخ کي سمجهڻ لاءِ ان باري ۾ مطالعو ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته پارليامينٽ پاليسي سازي، قانون ۽ آئين سازي م بنيادي اداره هوندو آهي، هي ڪتاب پاليسي سازي، قانون سازي جي عمل ۽ وفاقي ڍانچي کي سمجهڻ لاءِ بنيادي ذريعو ٿي سگهي ٿو. هي انڊر ريجوئيٽ ۽ ايم فل جي سطح تي سياست، تاريخ ۽ قانون جي شاگردن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ تدريسي عمل ۾ تمام مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. سينيت جي ڪردار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان هن چيو ته جرمي، آسٽريليا، آمريڪا جي مٿانهن ايوانن جي موثر ڪردار يک نظر ۾ رکندي هن ڪتاب ۾ سينيٽ جي ڪارڪردگي ۽ افاديت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪجهه سڌارا ۽ تجويزون به پيش ڪيون ويون آهن. ڊاڪتر دلاور حسين چيو ته في الحال انگريزي ۾ هي ڪتاب شايع ٿي آهي جڏهن ته ان جي اردو ترجمي شايع ڪرڻ جو به ارادو آهي. ڊاڪٽر دلاور حسين سينٽر فار ليجسليٽو اسٽڊيز يونيورسٽي آف هل برطانيه جو ايسوسيئيٽ ميمبر آهي. ان کان اڳ هو اسڪول آف سوشل اينڊ پوليٽيڪل سائنس، يونيورسٽي آف ايڊنبرا، اسڪاٽ لينڊ ۽ برطانوي پارليامينٽ جي هائوس آف لارڊز ۾ ريسرچ فيلو طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.











