اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي سائنس ۽ فني تعاون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) ۽ چين جي 3 مشهور سائنسي ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ غذائي تحفظ، فنڪشن فوڊز (صحت لاءِ مفيد خصوصي غذائي شيون) ۾ تحقيق ۽ ترقي ۽ سائنسي ماهرن جي تربيت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، اهو معاهدو غذائيت، صحت ۽ غذائي تحفظ جي …
صحت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ عالمي تحقيقي تعاون اڳيان وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي سائنس ۽ فني تعاون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي (ڪامسٽيڪ) ۽ چين جي 3 مشهور سائنسي ۽ تحقيقي ادارن وچ ۾ غذائي تحفظ، فنڪشن فوڊز (صحت لاءِ مفيد خصوصي غذائي شيون) ۾ تحقيق ۽ ترقي ۽ سائنسي ماهرن جي تربيت جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون، اهو معاهدو غذائيت، صحت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ عالمي تحقيقي تعاون کي اڳيان وڌائڻ طرف اهم اڳڀرائي آهي. ڪامسٽيڪ پاران جاري پڌرائي مطابق مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون چين، پاڪستان غذائيت ۽ صحت لاءِ دوائن ۽ وسيلن بابت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تعاون ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو. ڪانفرنس ۾ تحقيقي ادارن، يونيورسٽين، لاڳاپيل ريگيوليٽري ادارن ۽ صنعتي شعبي سان تعلق رکندڙ 50 کان وڌيڪ ماهرن، اسڪالر، تحقيق ڪندڙن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. مفاهمتي يادداشت تي او آءِ سي ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري ۽ چين جي 3 مشهور ادارن جي سينئر عهديدارن صحيحيون ڪيون. ان ۾ وانگ فينگ زونگ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فوڊ اينڊ نيوٽريشن ڊولپمينٽ، زراعت واري ۽ ٻهراڙي جي معاملن واري وزارت ليورونگ رونگ، ڊائريڪٽر جنرل انسٽيٽيوٽ آف فوڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي،چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز ۽ پينگ جون ڊائريڪٽر نيشنل نان فان ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ چائنيز اڪيڊمي آف ايگريڪلچرل سائنسز شامل آهن. معاهدي تحت چين جي اداري ۽ او آءِ سي ڪامسٽيڪ پنهنجي مهارت، تحقيقي پليٽ فارمز، جينياتي وسيلن، بنيادي ٽيڪنالاجيز ۽ انساني وسيلن جي تربيت ۽ ترقي جي صلاحيتن کي گڏ ڪندي سائنسي تعاون جي مختلف شعبن ۾ گڏيل قدم کڻندا. تعاون جي اهم شعبن ۾ غذائي ۽ دوائن جي وسيلن تي بنيادي تحقيق، صحت بخش ۽ فعال غذائي مصنوعات جي تياري، عالمي تحقيقي ليباريٽرين جو گڏيل قيام، نوجوان سائنسدانن ۽ ٽيڪنالاجي جي ماهرن جي تربيت، سرحد پار گڏيل تحقيقي منصوبن جي شروعات ۽ اعليٰ سطح جي علمي ۽ سائنسي ڪانفرنسن جو بندوبست شامل آهي.










