اسلام آباد - 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن جي انتظام هيٺ پاڪستان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ليوريجنگ اسپيس ٽيڪنالاجي فار ارلي وارننگ فار آل جي شروعات (سڀاڻي) 27 آڪٽوبر کان ٿيندي. پنجن ڏينهن واري ان ڪانفرنس ۾ شروعاتي طور تي خبردار ڪندڙ نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبهوا بابت آفتن کان ڪميونٽيز جي حفاظت لاءِ خلائي ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان …
اسپارڪو جي انتظام هيٺ شروعاتي وارننگ بابت پاڪستان گڏيل قومن ۾ عالمي ڪانفرنس جي شروعات (سڀاڻي) کان ٿيندي

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن جي انتظام هيٺ پاڪستان گڏيل قومن جي انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ليوريجنگ اسپيس ٽيڪنالاجي فار ارلي وارننگ فار آل جي شروعات (سڀاڻي) 27 آڪٽوبر کان ٿيندي. پنجن ڏينهن واري ان ڪانفرنس ۾ شروعاتي طور تي خبردار ڪندڙ نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ آبهوا بابت آفتن کان ڪميونٽيز جي حفاظت لاءِ خلائي ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان ڏنو ويندو. رٿابندي، ترقي، خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال تقريب جو مهمان خاص هوندو. ڪانفرنس ۾ 250 قومي ۽ عالمي شرڪت ڪندڙن جي شرڪت جو امڪان آهي جن ۾ ماهر، پاليسي ساز، تحقيق ڪندڙ ۽ لاڳاپيل تنظيمن جا نمائندا شامل آهن. ڪانفرنس 31 آڪٽوبر تي پڄاڻي تي پهچندي.











