ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 29 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 11 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 28 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 10  هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن …

اسلام آباد- 25 آڪٽوبر (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 29 ھزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 11 هزار 600 ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 28 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 16 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 10  هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي انگن اکرن مطابق گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 45 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 40 هزار 400 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد443 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار 400 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1515.21 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3.697 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1197.20 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 4.064 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.10 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.217 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں