ٻارن جي تحفظ ۽ ملڪ جي هر حصي تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جو تعاون لازمي آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ٻارن جي تحفظ ۽ ملڪ جي هر حصي تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جو تعاون لازمي آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ پوليو ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر ان ڏينهن جي موقعي تي سمورن پاڪستانين تي زور ڀريو ته اهي …

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ٻارن جي تحفظ ۽ ملڪ جي هر حصي تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جو تعاون لازمي آهي. هن اها ڳالهه ورلڊ پوليو ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر ان ڏينهن جي موقعي تي سمورن پاڪستانين تي زور ڀريو ته اهي پوليو کان پاڪ پاڪستان جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکن ڇو ته هر ٻار کي ان تدارڪ جوڳي مرض کان محفوظ رکڻ جي لاءِ حڪومت، صحت جي ڪارڪنن، والدين ۽ معاشري جون مسلسل گڏيل ڪوششون ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي خاتمي طرف نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسز جي انگ ۾ 99.8 سيڪڙو تائين گهٽتائي آئي آهي جيڪو 1990ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ساليانو اٽڪل 20 هزار ڪيسز کان گهٽ ٿي 2025ع ۾ 31 ۽ 2026ع ۾ هيستائين 5 رهجي ويو آهي. هن چيو ته اها اڳڀرائي حڪومت، فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز، والدين، مقامي آبادين ۽ ترقياي حصيدارن جي مسلسل ڪوششن جو نتيجو آهي. ٻارن جي تحفظ ۽ ملڪ جي هر حصي تائين پوليو ويڪسين جي پهچ يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن سمورين ڌرين جو تعان لازمي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. 1994ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ گير پوليو ويڪسينيشن مهم جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي ڌيءَ بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي پاڻ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا. هن سڄي ملڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ 4 لک کان وڌيڪ فرنٽ لائين پوليو ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ۾ 60 سيڪڙو عورتون آهن. صدر چيو ته انهن ڪارڪنن جو لڳاءُ ۽ جرئت پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ بنيادي اهميت رکي ٿي. انهن کي هر ٻار تائين پهچڻ جي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي انهن ٻارن تائين جيڪي ويڪسينيشن مهمن دوران رهجي وڃن ٿا. صدر سمورن والدين ۽ ٻارن جي سارسنڀال ڪندڙن تي زور ڀريو ته اهي پوليو جي هر مهم دوران 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ٻه ڦڙا ضرور پيارين. هن چيو ته ٻارن کي پوليو ۽ ويڪسين کان بچاءُ جي قابل ٻين بيمارين کان محفوظ رکڻ جي لاءِ معمول جي حفاظتي ويڪسينيشن کي پڻ ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن ڪميونٽي نمائندن، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ترقياتي حصيدارن کي اپيل ڪئي ته اهي پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکن ۽ والدين کي پنهنجي ٻارن جي ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ جي ترغيب ڏين. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۾ هر ٻار کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ ۽ پوليو کان پاڪ مستقبل جو هدف حاصل ڪرڻ تائين انهن ڪوششن کي جاري رکڻو پوندو.

مزید خبریں