اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيما جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اين ايڇ اي جو بزنس پلان تيار ڪرڻ لاءِ قدمن، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنسلٽنٽ سان گڏجي جاري جائزي ۽ اداري کي مالي طور مستحڪم بڻائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. عملدارن اي ڊي بي جي ڪنسلٽنٽ سان …
اي اين ايڇ جي مالياتي استحڪام کي حاصل ڪرڻ اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير احد چيما

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر احد چيما جي صدارت هيٺ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اين ايڇ اي جو بزنس پلان تيار ڪرڻ لاءِ قدمن، ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ڪنسلٽنٽ سان گڏجي جاري جائزي ۽ اداري کي مالي طور مستحڪم بڻائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. عملدارن اي ڊي بي جي ڪنسلٽنٽ سان جاري اسٽڊي جي شروعاتي نتيجن تي اجلاس کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي اين ايڇ اي جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ، ان جي آپريشنز کي فعال ڪرڻ ۽ مالياتي پائيداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف ماڊلز ۽ تجويزون پيش ڪيون ويون. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير احد چيما اين ايڇ اي جي صلاحيتن جي جائزي ۽ واضح ٽائم لائن سان هڪ عمل جوڳو بزنس پلان تيار ڪرڻ تي زور ڀريو. هن غور هيٺ منصوبن جي تفصيلي جائزي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته پي سي ون ۾ منصوبن جي واپاري اعتبار سان منافعي بخش ٿيڻ جي وضاحت وڌيڪ حقيقت پسنداڻن اهڃاڻن سان ڪئي وڃي ته جيئن سينٽرل ڊولپمنٽ ورڪنگ پارٽي کي ان جي ڪاٿي ۽ جاچ پڙتال ۾ آساني ٿئي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته منصوبن جي شروعاتي فيزيبلٽي اسٽڊي ۾ هن جي عمل جوڳي هجڻ جو واضح اندازو لڳايو وڃي ۽ شروعاتي مرحلي تي ئي ناڻي واري وزارت جي سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ کي راءِ لاءِ موڪليو وڃي. هن واضح ڪيو ته اين ايڇ اي جي منصوبن لاءِ حڪومتٿي يا پرڏيهي فنڊنگ سبب اٿارٽي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جي فنڊز ۾ ڪٽوتي نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت فنڊز ۾ گهٽتائي جي حامي ناهي، ڇاڪاڻ اين ايڇ اي جي ترقياتي پروگرام لاءِ پي ايس ڊي پي جي فنڊنگ اڻٽر آهي. هن زور ڀريو ته اين ايڇ اي کي مالي طور تي مستحڪم بڻائڻ ۽ ان کي قرضن جي ادائيگي جي ناقابل برداشت بار کان بچائڻ لاءِ واپاري، معاشي ۽ سماجي طور تي فائديمند منصوبن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. جيڪي منصوبا واپاري لحاظ کان منافعي بخش نه هجن، ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ انهن جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ناڻو امداد الله بوسال، سيڪريٽري مواصلات علي شير محسود، اين ايڇ اي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.











