اي اين ايف جو مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، عورت سميت 7 جوابدار گرفتار

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 99 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري هڪ عورت سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان موجب ڪارروائين دوران موٽر وي ٽول پلازا اسلام آباد ويجهو ٻن گاڏين مان 49.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري عورت سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. غوري ٽائون اسلام آباد …

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي 99 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري هڪ عورت سميت 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف ترجمان موجب ڪارروائين دوران موٽر وي ٽول پلازا اسلام آباد ويجهو ٻن گاڏين مان 49.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري عورت سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. غوري ٽائون اسلام آباد ۾ گاڏي مان 16.8 ڪلوگرام چرس، 300 گرام آئيس، 30 بور پسٽل ۽ گوليون هٿي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. لاهور ايئرپورٽ تي سعودي عرب ويندڙ مسافر وٽان 2.485 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. دالبندين ۾ باءِ پاس چاغي ويجهو اينٽيليجنس ڪارروائي ۾ گاڏي جي ڳجهن خانن مان 30 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں