خيبرپختونخوا ۾ ٻڌڻيءَ کانسواءِ قومي ۽ صوبائي تڪن جي حدن ۾ ڦيرڦار جي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن وضاحت ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا ۾ بنا ٻڌڻيءَ جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي حدن ۾ ڦيرڦار جي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، ڪنهن تڪ جي حدن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. سمورن تڪن جون حدون هاڻي به اهي ئي برقرار آهن جيڪي عام چونڊ 2024ع جي وقت هيون. اليڪشن ڪميشن طرفان ڇنڇر تي جاري وضاحتي بيان ۾ …

اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن وضاحت ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا ۾ بنا ٻڌڻيءَ جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي حدن ۾ ڦيرڦار جي خبر ۾ ڪا به صداقت ناهي، ڪنهن تڪ جي حدن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. سمورن تڪن جون حدون هاڻي به اهي ئي برقرار آهن جيڪي عام چونڊ 2024ع جي وقت هيون. اليڪشن ڪميشن طرفان ڇنڇر تي جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 23 آڪٽوبر 2026ع تي ڊان اخبار ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي قومي ۽ صوبائي تڪن جي حدن ۾ ڦيرڦار بنا ڪنهن ٻڌڻي جي ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ اها وضاحت ڪئي آهي ته ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ انتظامي يونٽس ۾ تبديليون ڪيون جنهن ۾ نئين ضلعن ۽ تعلقن جو قيام ۽ تعلقن جي حدن ۾ ردوبدل شامل آهي. ترجمان چيو ته اليڪشن رولز 2017ع جي رول 15 تحت اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار حاصل آهي ته ڪنهن به وقت اتظامي يونٽس ۾ ردوبدل ٿي ته ان جي عڪاسي تڪبندي ۾ ڪئي وڃي ۽ اهو عمل ماضي ۾ به ڪيو ويندو رهيو آهي. ترجمان چيو ته هتي اها وضاحت به ضروري آهي ته ان صورت ۾ موجوده تڪن جي حدن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي ناهي ٿي. ڄاڻايل نوٽيفيڪيشن ۾ به ڪنهن تڪ جي حدن ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي وئي. سمون تڪن جون حدون اهي ئي آهن جيڪي 2024ع جي عام چونڊ جي وقت هيون. ترجمان چيو ته ان خبر ۾ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي شق 22 جو حوالو ڏنو ويو آهي جيڪو درست ناهي ڇاڪاڻ ته اها شق ان وقت عمل ۾ آندي ويندي آهي جڏهن ڪنهن موجوده تڪ جي حدن ۾ تبديلي ضروري هجي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جيڪو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آهي ان ۾ ڪنهن به چونڊ تڪ جي حدن ۾ تبديلي ناهي ڪئي وئي.

مزید خبریں