اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت، طبي عملي، والدين ۽ معاشري جي مسلسل ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرج ڪري ٿو، ضروري آهي ته هر ڌر جي ڪوشش ٻين جي ڪوششن سان هم آهنگ هجي ۽ ويڪسين پيارڻ جي مهم، عوامي رابطا ۽ فرنٽ لائين ڪارڪنن جي مدد سان گڏ جاري رهن. هن اها ڳالهه …
پوليو جو خاتمو حڪومت، طبي عملي، والدين ۽ معاشري جي مسلسل ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرج ڪري ٿو: خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري جو ورلڊ پوليو ڊي تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پوليو جو خاتمو حڪومت، طبي عملي، والدين ۽ معاشري جي مسلسل ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرج ڪري ٿو، ضروري آهي ته هر ڌر جي ڪوشش ٻين جي ڪوششن سان هم آهنگ هجي ۽ ويڪسين پيارڻ جي مهم، عوامي رابطا ۽ فرنٽ لائين ڪارڪنن جي مدد سان گڏ جاري رهن. هن اها ڳالهه ورلڊ پوليو ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو 24 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. آصفه ڀٽو زرداري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اچو اسان پوليو کان پاڪ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي هر ٻار صحتمند زندگي گذاري سگهي ۽ ان تدارڪ جوڳي بيماري کان محفوظ رهي. هن چيو ته پوليو جو خاتمو منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. منهنجي والده شهيد محترمه بينظير ڀٽو 1994ع ۾ پوليو جي خاتمي جي پهرين ملڪ گير مهم شروع ڪئي ۽ سڀ کان پهرين مون کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا. هن چيو ته اهو لمحو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي قومي ڪوششن جي شروعات هئي ۽ ان مقصد سان ان جي گهري ذاتي وابستگي جو هڪ اهم حصو رهيو آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پوليو جي خلاف جنگ ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته اسان جو ڪم اڃا مڪمل ناهي ٿيو. ويڪسين کان محروم رهجي ويندڙ هر ٻار اڃا به پوليو جي خطري ۾ ورتل آهي. اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ڪو به ٻار محروم نه رهي، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي ماڻهن تائين پهچ مشڪل آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته والدين جي لاءِ ٻار کي پوليو کان بچائڻ هڪ اهڙو فيصلو آهي جيڪو ان ٻار جي مستقبل کي سنواري سگهي ٿو. آئون سمورن والدين ۽ ٻارن جي سارسنڀال ڪندڙن کي اپيل ڪريان ٿي ته اهي پوليو ٽيمن جي آجيان ڪن ۽ هر مهم دوران پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا تجويز ڪيل ڦڙا پيارين. هن چيو ته ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي لاءِ بار بار ويڪسين پيارڻ جي اهميت کان خاندانن کي آگاهه ڪرڻ ۾ برادرين جي بزرگن، استادن ۽ مقامي اڳواڻن جو پڻ اهم ڪردار آهي. خاتون اول فرنٽ لائين پوليو ورڪرز خاص طور تي عورت ويڪسينيٽرز کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي مشڪل حالتن ۾ ٻارن تائين پهچن ٿيون. هن چيو ته انهن ڪارڪنن جو لڳاءُ احترام ۽ مدد جو مستحق آهي. ويڪسينيشن ٽيمن جي حفاظت تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪار به اهم ذميواري ادا ڪري رهيا آهن. اسان جي ٻارن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندڙن تي حملا اسان کي ان قومي ڪوششن کان پٺتي نه ٿا هٽائي سگهن. بي بي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت، طبي عملي، والدين ۽ معاشري جي مسلسل ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرج ڪري ٿو. ضروري اهي ته هر ڌر جي ڪوشش ٻين جي ڪوششن سان هم آهنگ هجي ۽ ويڪسين پيارڻ جي مهم، عوامي رابطا ۽ فرنٽ لائين ڪارڪنن جي مدد سان گڏ جاري رهن. هن چيو ته ويڪسين کان محروم رهجي ويندڙ هر ٻار اسان کي پنهنجي هدف کان وڌيڪ پري وٺي وڃي ٿو. اسان کي ان وقت تائين ڪوششون جاري رکڻيون آهن جيستائين پاڪستان جو هر ٻار پوليو کان محفوظ نه ٿو ٿي وڃي. خاتون اول چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ ممڪن آهي، پر ان جي لاءِ مسلسل ڪوشش ۽ اسان مان هر هڪ جي شرڪت گهربل هوندي.











