گڏيل قومن کي دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن تي پيغام

اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي عالمي تاريخي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي اڻٿڪ وابستگي جو ورجاءُ ۽ سمورين رياستن جي خودمختيار برابري، انهن جي داخلي معاملن ۾ عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن سان پاڪستان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو، …

اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن جي عالمي تاريخي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي اڻٿڪ وابستگي جو ورجاءُ ۽ سمورين رياستن جي خودمختيار برابري، انهن جي داخلي معاملن ۾ عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن سان پاڪستان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو، گڏيل قومن کي اڄ دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي گڏيل قومن جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي، جيڪو گڏيل قومن جي منشور جي منظوري جا 81 سال مڪمل ٿيڻ جي ياد ڏياري ٿو، ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن سان پنهنجي اڻٿڪ وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو. خاص طور تي سمورين رياستن جي خودمختيار برابري، انهن جي داخلي معاملن ۾ عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اصولن سان پاڪستان پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي منشور جي ڪيترن ئي بنيادي اصولن جي سڄي دنيا ۾ مسلسل ۽ بنا ڪنهن خوف جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي جنهن جا نمايان مثال، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ والاريل فلسطين آهن. وزيراعظم چيو ته ان ڏينهن جي ياد ملهائيندي اسان گڏيل قومن جي انهن سوين امن دستن جي اهلڪارن ۽ ٻئي عملي کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن فرض سرانجام ڏيندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، خاص طور تي پاڪستان جي انهن اهلڪارن کي جن عالمي امن جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، پاڪستان گڏيل قومن جي عالمي امن مشنز ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو وٺندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ عالمي امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي خدمتن تي پاڪستان کي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي اهم ڪردار ۽ انهن جي امدادي پروگرامن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ساراهي ٿو، اهي قدم سڄي دنيا خاص طور تي اسرندڙ ملڪن ۾ انساني همدرديءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ، صحت ۽ تعليم جي فروغ ۽ ترقياتي ترجيحن جي تڪميل ۾ قابل قدر مدد فراهم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گهڻ رخي نظام تي پنهنجي پختي يقين ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته گڏيل قومن کي عالمي ڪوششن جو مرڪزي محور برقرار رهڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن کي اڄ دنيا کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ان ڏس ۾ سمورن ميمبر ملڪن ۽ گڏيل قومن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته جيئن گڏيل قومن جي منشور ۾ شامل ان ويزن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي جنهن جو مقصد سڀني جي لاءِ امن ۽ خوشحالي قائم ڪرڻ آهي.

مزید خبریں