اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان پوليو جي ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، ويڪسينيشن مهمن دوران خاندانن کي معمول جي حفاظتي ڦڙن ۽ ٻين ضروري طبي سهولتن سان ڳنڍڻ جي موقعن مان پڻ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …
پاڪستان پوليو جي ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جو پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان پوليو جي ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي، ويڪسينيشن مهمن دوران خاندانن کي معمول جي حفاظتي ڦڙن ۽ ٻين ضروري طبي سهولتن سان ڳنڍڻ جي موقعن مان پڻ فائدو کڻڻ گهرجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته پوليو جي خلاف جنگ ۾ ان وقت تائين مسلسل ڌيان ۽ ڪوششن جي ضرورت آهي جيستائين هر ٻار کي ان بيماري کان محفوظ نه ٿو بڻايو وڃي، پاڪستان ان حوالي سان اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته وائرس جي مسلسل موجودگي ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿي ته ويڪسينيشن مهمن ۽ معمول جي حفاظتي ڦڙن جي ذريعي هر ٻار تائين پهچڻ جي ڪوشش مستقل بنيادن تي جاري رکي وڃي، ڪنهن به ٻار کي ويڪسين تائين پهچ ۾ رڪاوٽ يا پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو موقعو ضايع ٿيڻ جي ڪري غيرمحفوظ رهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ويڪسين جي خوراڪ کان محروم رهندڙ هر ٻار خطري ۾ ورتل رهي ٿو، ڪنهن خاندان جي لاءِ پوليو جو مطلب سڄي عمر جي اهڙي معذوري ٿي سگهي ٿي جيڪا ٻار جي چرپر، تعليم ۽ خودمختياري کي متاثر ڪري ٿي، اهڙن نتيجن کان بچڻ جي لاءِ ويڪسينيشن جي قابل اعتماد سهولتن، باقاعده حفاظتي ڦڙن ۽ ڪنهن ٻار جي خوراڪ رهجي وڃڻ جي صورت ۾ وقت سر قدم ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان پوليو جي ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي پر وائرس اڃا به پکڙجي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ انهن علائقن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جتي ٻارن تائين پهچڻ مشڪل آهي ۽ اتي ويڪسينيشن جي شرح کي بهتر بڻايو وڃي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عوام جو اعتماد به ايترو ئي اهم آهي، والدين کي صحت جي ماهرن کان سوال ڪرڻ ۽ واضح ۽ قابل اعتماد جواب حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، ڪميونٽي جا نمائندا، عالم ۽ مقامي اڳواڻ عوام جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ خاندانن کي ويڪسينيشن ٽيمن سان تعاون تي راضي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا، اسان جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته خاندان ويڪسينيشن جي اهميت کي سمجهن ۽ عملي رڪاوٽون ٻارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ نه اچن. هن چيو ته اسان کي انهن فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي جيڪي سڄي پاڪستان جي آبادين ۾ اها اهم ذميواري سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڪوششن سان گڏ ضروري معاونت، وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي به يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن اهي محفوظ طريقي سان ٻارن تائين پهچي سگهن، ويڪسينيشن مهمن دوران خاندانن کي معمول جي حفاظتي ڦڙن ۽ ٻين ضروري طبي سهولتن سان ڳنڍڻ جي موقعن مان به فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريان ٿو ته اهي ويڪسينيشن جي ڪوششن جي سخت نگراني جاري رکن، ويڪسين جي خوراڪ کان محروم رهجي ويل ٻارن تائين ٻيهر پهچ حاصل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته هر مهم جي دوران حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي برقرار رهي، ٻارن کي پوليو کان محفوظ رکڻ جي لاءِ قومي منصوبابندي کان وٺي هر مقامي آبادي ۾ عملي قدمن تي تائين هر سطح تي مسلسل ڪوششون ضروري آهن.










