نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ برطانوي پرڏيهي وزير جي استنبول ۾ ملاقات، ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ استنبول ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ميلبرنڊ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان – برطانيا ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق …

استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڄ استنبول ۾ برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ميلبرنڊ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان – برطانيا ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ مسلسل رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. برطانوي پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير علائقائي امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ آر – 4 (پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر) سان گڏوگڏ جرمني، فرانس ۽ اٽلي سان برطانيا جي تعميري شموليت کي ساراهيو.

مزید خبریں