نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان ملاقات، اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار

استنبول - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل …

استنبول – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو آهي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول ۾ آر فور پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي موقعي تي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان خوشگوار ۽ دوستاڻي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن جي پائيداري ۽ مضبوطي جو ورجاءُ ڪيو ۽ سمورن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي تعاون ۽ هر سطح تي باقاعده مشاورت جي ذريعي اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي ۽ مڪه دفاعي اتحاد وڌيڪ سگهه ڏني آهي. هنن خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں