سلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ پائيدار ۽ پراڻي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته هن تعاون جو گڏيل مقصد معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، ڍانچاجاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ، پاليسين جي تسلسل کي مضبوط ڪرڻ ۽ سڌارن جي ثمرن کي سيڙپڪاري، روزگار ۽ عوام لاءِ بهتر معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ آهي. اهڙو …
پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ پائيدار ۽ پراڻو تعاون ساراهه جوڳو آهي: ناڻي واري وزير جي عالمي بئنڪ جي ريجنل ڊائريڪٽر سنديپ مهاجن سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
سلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ پائيدار ۽ پراڻي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته هن تعاون جو گڏيل مقصد معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ، ڍانچاجاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ، پاليسين جي تسلسل کي مضبوط ڪرڻ ۽ سڌارن جي ثمرن کي سيڙپڪاري، روزگار ۽ عوام لاءِ بهتر معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن عالمي بئنڪ جي وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان (ميناپ) خوشحالي شعبي جي علائقائي ڊائريڪٽر سنديپ مهاجن سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما امگابازار ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جو ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز به ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا، استحڪام کان پائيدار ترقي طرف منتقلي ۽ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي ترجيحن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنديپ مهاجن پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جي بحالي تي مبارڪون ڏنيون ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل تازي بحران کي حڪومت جي موثر طور منهن ڏيڻ کي ساراهيو. هن چيو ته معاشي استحڪام جي ڪوششن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مالياتي خدشن ۽ وقت سر پاليسي قدمن پاڪستان کي ٻاهرين دٻاءُ کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏني. عالمي بئنڪ جي نمائندن انهن ڪاميابين کي برقرار رکڻ لاءِ سڌارن جو تسلسل ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت جي ترجيح معاشي استحڪام کي پائيدار بنيادن تي مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي پائيدار، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي ٻڌل ترقي ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان تازو ئي 3 ارب آمريڪي ڊالر جا يورو بانڊز جاري ڪيا آهن جن جي ادائيگي واري مدت پنج ۽ ڏهه سال آهي، جنهن ذريعي عالمي ناڻو مارڪيٽن تائين ٻيهر رسائي حاصل ڪئي آهي. هن پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ اڳڀرائي جي راهه هموار ڪرڻ، سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ ۽ خودمختيار ڪريڊٽ پروفائل بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪئي. ناڻي واري وزير هڪ قابل اعتماد عبوري لائحه عمل جي اهميت تي زور ڀريو، جيڪو مالي نظم و ضبط کي برقرار رکڻ، ٻاهرين شعبي جي ڪمزورين کي منهن ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري تي ٻڌل ذميواراڻي ۽ پائيدار ترقي جون بنيادون مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿين. ان سلسلي ۾ٻاهرين خطرن کي مؤثر طريقي سان منظم ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مالياتي فريم ورڪ ۽ پاليسين جي ساک بهتر بڻائڻ جي حوالي سان عالمي تجربن مان فائدو کڻڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پائيدار معاشي اڳڀرائي لاءِ پاليسي جي تسلسل کي بنيادي اهميت وارو قرار ڏنو ويو. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته سيڙپڪاري ۽ پيداواري صلاحيت جو دارومدار اڳواٽ پيش ڪيل پاليسي ماحول ۽ پاليسين تي مستقل عملدرآمد تي آهي. ناڻي واري وزير ۽ عالمي بئنڪ جي نمائندن حڪومت جي اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي ايجنڊا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ نجي شعبي جي سيڙپڪاري وڌائڻ، ضابطه جاتي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ مالي وسيلا متحرڪ ڪرڻ جا موقعا پڻ شامل آهن. ڳالهين ۾ نجڪاري، واضح ريگيوليٽري فريم ورڪ، ۽ نجڪاري کان پوءِ قابل اعتماد انتظامن جي اهميت، موزون مالياتي ڍانچن ۽ ترقياتي ڀائيوارن جي تعاون سان انفراسٽرڪچر جا منصوبا تيار ڪرڻ جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ٻنهي ڌرين طرفان پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ مسلسل تعاون جي اهميت کي ورجايو ويو. ان تعاون جو گڏيل مقصد معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ساختي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ، پاليسين جي تسلسل کي مضبوط بڻائڻ سڌارن جي ثمرن کي سيڙپڪاري، روزگار ۽ عوام لاءِ بهتر معاشي موقعن ۾ تبديل ڪرڻ آهي.










