اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سياحت ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان مالديپ بزنس فورم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي …
پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ پراڻن دوستاڻي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن: ڄام ڪمال خان

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري، سياحت ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پاڪستان مالديپ بزنس فورم جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان مالديپ جي وڌندڙ مارڪيٽ جوون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، خاص ڪري کاڌي جي شين، دوائن، سرجري جي اوزارن، ڪپڙي ۽ تعميراتي سامان جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائي سگهجي ٿو. پاڪستان چانور، گوشت، حلال کاڌو، پروسيس ٿيل زرعي شيون ۽ انب ، رسدار ميون ، چيري، خوباني، آڙو ۽ کجور سميت تازن ميون جي روانگي واپار ذريعي مالديپ جي مارڪيٽ ۾ پنهنجو حصو وڌائي سگهي ٿو. ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ زيتون جي تيل جي اڀرندڙ صنعت جو ذڪر ڪندي اعتماد اظهار ڪيو ته ايندڙ سالن ۾ پاڪستاني زيتون جو تيل عالمي مارڪيٽن ۾ اعليٰ معيار جي شين طور پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهي ٿو. سياحت جي شعبن ۾ تعاون جي امڪانن کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير مالديپ جي عالمي سطح تسليم ٿيل خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ سياحتي صنعت مالديپ جي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿي. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، ٽيڪنالاجي تي ٻڌل خدمتن، ٽرانسپورٽ، بندرگاهن سان لاڳاپيل سپلائي چين ۽ تخليقي معيشت کي به ٻطرفي تعاون جو اهم شعبو قرار ڏنو. هن چيو ته مارڪيٽن تائين رسائي وڌائڻ ۽ واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ سامونڊي ۽ هوائي رابطن ۾ بهتري ضروري آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ، ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ، صنعتن لاءِ توانائي جي لاڳت کي گهٽائڻ، روانگي واپار جي مالي مدد وڌائڻ ۽ آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي طريقن کي آسان بڻائڻ لاءِ سڌارا متعارف ڪرائي رهي آهي. هن پاڪستان سنگل ونڊو جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته هن ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي واپارين کي ڪيترن ئي سرڪاري ادارن تائين هڪ ئي ڇت هيٺان رسائي حاصل هوندي آهي. هن فوڊ سيڪيورٽي، واپاري تڪرارن جي حل، عالمي معيار جي پابندي ۽ خاص اقتصادي زونز بابت سڌارن جو به ذڪر ڪيو جن جو مقصد سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي مقابلي واري صلاحيت بهتر بڻائڻ آهي. ڄام ڪمال خان مالديپ جي ڪاروباري برادري کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ شين جي خريداري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني صنعتڪارن، روانگي واپار ڪندڙن ۽ امڪاني خريدارن جي وچ ۾ سڌي طرح رابطن کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ مالديپ جي ڪمپنين کي مناسب پاڪستاني ڀائيوارن سان ڳنڍڻ لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير پنهنجي مالديپ جي هم منصب ۽ ڪاروباري وفد کي پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ ايندڙ عالمي غذائي نمائش ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن ٻڌايو ته نمائش جي گذريل ايڊيشن ۾ 80 ملڪن مان 800 کان وڌيڪ خريدارن شرڪت ڪئي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ مالديپ پنهنجي ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل دوستاڻن لاڳاپن کي اڳتي وڌائيني گڏيل مفاد تي ٻڌل اقتصادي ڀائيواري قائم ڪري سگهن ٿا. هن واپار، سيڙپڪاري، سياحت ۽ اڀرندڙ معاشي شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين لاءِ مددگار پاليسي ماحول فراهم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو.










