مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 15 هين ورسي ملهائي وئي

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 15 هين ورسي جمعي ڏينهن 23 آڪٽوبر تي ملهائي وئي. هو اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواريءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي والده ۽ صدر آصف علي زرداري جي سس هئي. نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ايران ۾ پيدا ٿي. سندس تعلق هڪ امير حريري خاندان سان هو، سندس والد امير ايراني واپار هو …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي 15 هين ورسي جمعي ڏينهن 23 آڪٽوبر تي ملهائي وئي. هو اڳوڻي صدر ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گهرواريءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي والده ۽ صدر آصف علي زرداري جي سس هئي. نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ايران ۾ پيدا ٿي. سندس تعلق هڪ امير حريري خاندان سان هو، سندس والد امير ايراني واپار هو جيڪو شروعاتي دور ۾ بمبئي ۾ رهندو هو پوءِ 1947ع ۾ پاڪستان جي آزادي کان اڳ ڪراچي منتقل ٿي ويو. هن پاڪستان اچڻ کان اڳ اصفهان يونيورسٽي مان انسانيات ۾ گريجوئيشن ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو 1971ع کان 1977ع دوران وزيراعظم پاڪستان جي گهرواريءَ ۽ 1988ع کان 1990ع جي وچ ۾ وفاقي ڪابينا جي سينئر ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون انجام ڏنيون. نصرت ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻي گهرواريءَ هئي، سندس اولاد ۾ بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو شامل آهن. بيگم نصرت ڀٽو اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کانپوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سربراهه به رهي، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو 23 آڪٽوبر 2011ع تي دبئي ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، سندس ورسي جي مناسبت سان صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ سياسي قيادت سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سڄي ملڪ ۾ تقريبون ڪوٺائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

مزید خبریں