اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه بيگم نصرت ڀٽو جي 15 هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس زندگي جمهوريت لاءِ جدوجهد، بي مثال قربانين، صبر، استقامت ، عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽري مان جاري بيان موجب ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ذاتي زندگي ۾ شديد مشڪلاتن ۽ ڏکن باوجود بيگم نصرت …
بيگم نصرت ڀٽو جي زندگي جمهوريت لاءِ جدوجهد، بي مثال قربانين، صبر، استقامت ، عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال آهي: سيد غلام مصطفيٰ شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه بيگم نصرت ڀٽو جي 15 هين ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس زندگي جمهوريت لاءِ جدوجهد، بي مثال قربانين، صبر، استقامت ، عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽري مان جاري بيان موجب ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ذاتي زندگي ۾ شديد مشڪلاتن ۽ ڏکن باوجود بيگم نصرت ڀٽو جمهوري قدرن ۽ عوامي حقن لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکي. سندس سياسي جدوجهد ۽ قربانيون پاڪستان پيپلزپارٽي جي جمهوري تاريخ جو اهم باب آهن ۽ هو اڄ به عورتن لاءِ حوصلي، مزاحمت ۽ استقامت جي علامت آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته بيگم نصرت ڀٽو جي جمهوريت سان وابستگي، اصول پسندي ۽ قربانين کي ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.










