اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب جمعي ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 276 روپيا 82 پئسا ٿي وئي آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي …
انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي)پاڪستان جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب جمعي ڏينهن انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قدر ۾ 3 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 276 روپيا 82 پئسا ٿي وئي آهي، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو قدر 73 روپيا 74 پئسا جڏهن ته بحريني دينار جو قدر 733 روپيا 89 پئسا رهيو. اهڙي طرح عماني ريال جي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ قدر 718 روپيا 99 پئسا رهيو، ڪويت دينار جو قدر 898 روپيا 77 پئسا ۽ قطري ريال جو قدر 75 روپيا 97 پئسا رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 277 روپيا 50 پئسا ۽ خريد واري قيمت 280 روپيا رڪارڊ ڪئي وئي.










