ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي پاران ڪڍڻ شهر ۾ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪرڻ ۽ ٿاڻي تي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جو اعلان

بدين - 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڪڍڻ شهر ۾ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪرڻ ۽ ٿاڻي تي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوليس جي اولين ترجيح عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ شهرين کي وقت سر انصاف فراهم ڪرڻ آهي. ڪڍڻ شهر ۾ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي کلي ڪچهري ڪري عوام …

بدين – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ڪڍڻ شهر ۾ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪرڻ ۽ ٿاڻي تي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوليس جي اولين ترجيح عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي ۽ شهرين کي وقت سر انصاف فراهم ڪرڻ آهي. ڪڍڻ شهر ۾ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي کلي ڪچهري ڪري عوام جا مسئلا ٻڌا. ان موقعي تي ماڻهن منشيات، چوري سميت شهر ۾ حددخلين جي مسئلن، ٽريفڪ پوليس جي مقرري ۽ ٿاڻي تي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا. جنهن تي ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي چيو ته پوليس جي اولين ترجيح عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. هن عوام جي مطالبن تي شهر ۾ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪرڻ ۽ ٿاڻي تي اضافي نفري فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شهر مان حددخلين جي خاتمي لاءِ ضلعي انتظاميا جي تعاون سان ضروري ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته کلي ڪچهرين جو مقصد عوام جا مسئلا سڌوسنئون ٻڌڻ ۽ انهن کي فوري طور تي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل جاچ کي يقيني بڻائي پوليس عوام جو اعتماد بحال ڪندي. هن شهرين کي خاطري ڪرائي ته سندن جائز شڪايتن تي قانون ۽ ميرٽ موجب ڪارروائي ڪري انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. جڏهن ته شهرين ان عمل کي ساراهيندي چيو ته اهڙن قدمن سان امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي ۽ عوام جو عملدارن سان سڌوسنئون رابطو مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

ان کانپوءِ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ جي چيئرمين صدام حسين جمالي سان ملاقات ڪري سندس چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ۽ شهر جي مختلف مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي محمد اسلم جمالي، مير خان چانڊيو، ڪائونسلر حاجي محمد جمن واهرو، دلاور حسين خواجه ۽ ٻيا موجود هئا.

مزید خبریں