ڊاڪٽر نفيسه شاهه پاران مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاه مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو اها عظيم خاتون آهي جنهن پاڪستان جي بقا ۽ جمهوريت خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ نفيسه شاه چيو ته بيگم نصرت …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاه مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو اها عظيم خاتون آهي جنهن پاڪستان جي بقا ۽ جمهوريت خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل مان جاري بيان ۾ نفيسه شاه چيو ته بيگم نصرت ڀٽو آمريت جو مقابلو ڪيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عهد کي ڀرپور طريقي سان نڀايو. ماءُ طور پنهنجي اولاد کي عوام جو احساس ۽ پاڪستان سان محبت جو درس ڏنو. اڄ به جڏهن آمريت خلاف للڪار جي ڳالهه ايندي آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جي جدوجهد کانسواءِ نامڪمل محسوس ٿيندي آهي. نفيسه شاه چيو ته جڏهن آمريت جو ظلم گهٽي گهٽي ۾ هو تڏهن بيگم نصرت ڀٽو عوام جو هٿ پڪڙيو. نصرت ڀٽو آئين ۽ جمهوريت لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ان جو هڪ مثال ڪٿي به نه ٿو ملي. پنهنجي همسفر کي جيل جي سلاخن پٺيان ظلم سهندي ڏسندي به جمهوريت جو رستو نه ڇڏيو. شهيد ڀٽو وانگر جمهوريت جي محافظ ۽ عوام جي اڳواڻ بڻجي سامهون آئي. هوءَ هڪ اهڙي ليڊر هئي جنهن کي پاڪستان جي بقا ۽ جمهوريت جي حفاظت پنهنجن ذاتي معاملن کان اڳ هئي. جمهوريت خاطر پنهنجن ٻن پٽن کي قربان ٿيندي ڏٺو. اڄ سڄي دنيا ۾ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي لازاول قربانين تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي. هن هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو ايندڙ نسل ياد رکندا.