پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، 100 انڊيڪس ۾ 1360 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1360.01 پوائنٽس جي لاٿ سان 162564.30 پوائنٽس تي اچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن مان 144 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شروعاتي ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 110.19 ملين …

اسلام آباد- 23 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1360.01 پوائنٽس جي لاٿ سان 162564.30 پوائنٽس تي اچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن مان 144 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهه ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. شروعاتي ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 110.19 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 4.70 ارب روپيا رهي. ڪاروباري سرگرمين دوران ميڪ پيڪ فلمز لميٽڊ جي 14.85 ملين شيئرز، جي ايس مونٽم فيڪٽر ايڪسچينج ٽريڊ فنڊ جي 10.78 ملين شيئرز ۽ ورلڊ ڪال تيليڪام لميٽيڊ جي 7.56 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.