حيدرآباد -23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام زرعي انجنيئرنگ جي نوجوان گريجوئيٽس کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ سان آراستا ڪرڻ لاءِ الڪرم گروپ جي سهڪار سان ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان قدم جو مقصد زراعت ۾ پريسيشن فارمنگ، ڊجيٽل زراعت ۽ جديد زرعي مشينريءَ جي استعمال کي هٿي ڏيڻ سان گڏ نوجوان انجنيئرن جي عملي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي …
سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران زرعي انجنيئرن کي ڊرون ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏيڻ جو فيصلو

مزید خبریں
حيدرآباد -23 آڪٽوبر(اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام زرعي انجنيئرنگ جي نوجوان گريجوئيٽس کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيءَ سان آراستا ڪرڻ لاءِ الڪرم گروپ جي سهڪار سان ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان قدم جو مقصد زراعت ۾ پريسيشن فارمنگ، ڊجيٽل زراعت ۽ جديد زرعي مشينريءَ جي استعمال کي هٿي ڏيڻ سان گڏ نوجوان انجنيئرن جي عملي صلاحيتن ۾ واڌارو ڪرڻ آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي فئڪلٽي آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ جي ميزبانيءَ هيٺ ٽريڪٽر هلائڻ ۽ ان جي سارسنڀال بابت ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف علي سيال چيو ته دنيا تيزيءَ سان مشيني زراعت، روبوٽڪس ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ڏانهن وڌي رهي آهي، تنهن ڪري زرعي ترقيءَ لاءِ جديد فني مهارتن ۽ عملي تربيت کي هٿي ڏيڻ لازمي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ کانسواءِ زرعي ترقيءَ جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. يونيورسٽيءَ ۾ شاگردياڻين لاءِ پڻ ٽريڪٽر هلائڻ ۽ ڊرون ٽيڪنالاجيءَ جي تربيت شروع ڪرڻ جو منصوبو آهي، جيئن اهي جديد زرعي مهارتون حاصل ڪري روزگار جا نوان موقعا ماڻي سگهن، وائيس چانسلر چيو ته جاگرافيائي معلوماتي نظام (جي آئي ايس)، ريموٽ سينسنگ ۽ ڊرون ٽيڪنالاجي مستقبل جي زراعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، انهن ٽيڪنالاجين ذريعي زرعي پيداوار وڌائڻ، وسيلن جو بهتر استعمال ڪرڻ ۽ فصلن جي اثرائتي نگراني ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي رڳو ڊگري روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهي، پر عملي مهارتن ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ پڻ ضروري آهي، ڊاڪٽر الطاف علي سيال زور ڀريو ته سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ زرعي انجنيئرنگ جي ڊگريءَ کي مناسب اهميت ڏني وڃي ۽ زرعي انجنيئرن کي لاڳاپيل نوڪرين ۽ مقابلي جي امتحانن ۾ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيئن اهي ملڪ ۾ زراعت کي جديد بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ورڪشاپ جي فني سيشنن دوران انجنيئر منصور رضوي ٽريڪٽر جي بنيادي حصن، ڪنٽرول سسٽم ۽ مختلف اوزارن بابت ليڪچر ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽر اميت ڪمار ٽريڪٽر هلائڻ جي حفاظتي اصولن ۽ محفوظ ڊرائيونگ جي طريقن بابت آگاهي ڏني، انجنيئر رضا حسن ۽ ڊاڪٽر برڪت علي نندواڻي، محمد سهيل ميمڻ، ڊاڪٽر شير علي شيخ جي نگرانيءَ هيٺ شرڪت ڪندڙن کي عملي تربيت ڏني وئي. ٻئي طرف ڊاڪٽر ارشاد علي مري پڻ ورڪشاپ کي خطاب ڪيو. تقريب دوران مهمانن کي سنڌي ثقافتي سوکڙيون ۽ اعزازي شيلڊون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته پڄاڻي تقريب ۾ تربيت مڪمل ڪندڙ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.











