لاڙڪاڻو-23 آڪٽوبر(اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ چونڊ فهرستن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ سندس آفيس جي درٻار ھال ۾ شناختي ڪارڊ/ووٽر رجسٽريشن جو پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجاڻي ڪئي. اجلاس جو مقصد چونڊ فهرستن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ آهي، جنهن لاءِ اهڙين اهل عورتن جي سڃاڻپ، متحرڪ ڪرڻ ۽ رجسٽريشن ۾ سهولت ڏني ويندي جيڪي اڃا …
قمبر شهدادڪوٽ جي ڊي سي جي صدارت ۾ گڏجاڻي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-23 آڪٽوبر(اي پي پي) قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر ڪامران حسين مشتاق شيخ جي صدارت هيٺ چونڊ فهرستن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ لاءِ سندس آفيس جي درٻار ھال ۾ شناختي ڪارڊ/ووٽر رجسٽريشن جو پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجاڻي ڪئي. اجلاس جو مقصد چونڊ فهرستن ۾ صنفي فرق گهٽائڻ آهي، جنهن لاءِ اهڙين اهل عورتن جي سڃاڻپ، متحرڪ ڪرڻ ۽ رجسٽريشن ۾ سهولت ڏني ويندي جيڪي اڃا تائين رجسٽرڊ ٿيل نه آهن، جنهن ۾ خاص ڪري پٺتي پيل علائقا شامل آهن. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي ضلعو پائلٽ پروجيڪٽ طور چونڊيو ويو آهي ته جيئن ڪميونٽي تي ٻڌل ۽ گڏيل ماڊل تيار ڪري ٻين ضلعن ۾ لاڳو ڪري سگهجي. جڏهن ته چونڊ فهرستن مطابق قمبر شهدادڪوٽ ۾ 8 لک 89 هزار 778 ووٽر رجسٽرڊ آهن، جن مان 481,141 مرد ۽ 408,637 عورت ووٽرز شامل آهن. اهڙي طرح صنفي فرق 72,504 يعني 8.15 سيڪڙو آهي. سڀ کان وڌيڪ تعلقي قمبر ۾ 24,928 يعني 9.49 سيڪڙو ۽ سڀ کان گهٽ تعلقي سجاول جوڻيجو ۾ 6.32 سيڪڙو صنفي فرق آهي. عورتن جي رجسٽريشن ۾ رڪاوٽن تي بحث دوران دستاويزن جو نه هجڻ، نادرا رجسٽريشن سينٽرن تائين محدود رسائي، رجسٽريشن جي طريقيڪار بابت گهٽ آگاهي، عورتن جي اچ وڃ تي پابنديون، سماجي ۽ ثقافتي رڪاوٽون، فاصلا ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا ۽ ووٽ جي منتقلي بابت مونجهارا شامل آهن. هن منصوبي ۾ ECP، نادرا، ضلعي انتظاميا، پوليس، تعليم، صحت، سماجي ڀلائي ۽ مقامي حڪومت جا ادارا، BISP ۽ غير سرڪاري تنظيمون گڏجي ڪم ڪنديون. نادرا CRC جاري ڪرڻ ۽ CNIC لاءِ 23,242 کان مٿي اڻ رجسٽرڊ عورتن جي نشاندهي ڪندي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ رضاڪار ۽ موبلائيزر عورتن جي گهر گهر وڃي مدد ڪندا. پوليس ٽيمن جي قيام، انصاف ۽ رجسٽريشن جي ٽيمن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائيندي، جڏهن ته BISP ۾ موجود عورتن کي رجسٽرڊ ڪرڻ تي به ڪم ڪيو ويندو. تعليم ۽ صحت جا ادارا به پنهنجي دستاويزن ۽ سهولتن کي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا. ووٽ جي اهميت ۽ آئيني حق جي حوالي سان، اليڪشن ايڪٽ 2017 ع جي سيڪشن 47 تحت ECP لاءِ لازم آهي ته هر سال ضلعي سطح تي صنفي فرق جو جائزو وٺي ۽ ان لاءِ خاص قدم کڻي ان ۾ گهٽائي آڻي. جيڪڏهن ڪنهن بلاڪ ۾ صنفي فرق 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ته فرق گهٽائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن ته عورتن جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ ۽ ووٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ به خاص مهم هلائي ويندي.











